ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته صوبي سنڌ جي بجيٽ ۾ پگهار وٺندڙ طبقي ۽ غريب عوام کي ريليف ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظّهار هن اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پارٽي قائدين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چاهين ٿا ته پگهارن ۾ اضافو مهانگائي جي حساب سان ٿيڻ گهرجي ان ڪري جيترو ممڪن ٿي سگهيو ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪنداسين. توانائي واري وزير چيو ته سنڌ جي عوام کي پاڻي جي سهولتون ۽ مفت سستي بجلي جي فراهمي بجيٽ ۾ اولين ترجيحات ۾ شامل آهن. ان کان علاوه چيئرمين اهو به چاهين ٿا ته سنڌ جي بجيٽ ۾ ڪوئي اهڙو نئون ٽيڪس نه لڳايو وڃي جنهن سان غريب ۽ وچولو طبقو سڌو سنئون متاثر ٿئي ٿو، جيڪڏهن ٽيڪس لڳائڻ کان پاسو نه ڪيو ويو ته مراعتون يافته طبقي تي لڳايا وڃن ۽ آسائش جي شين تي لڳايو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ توانائي واري وزير چيو ته وزيراعظم کان درخواست ڪئي وئي آهي ته سولر تي ڪنهن به قسم جو ٽيڪس نه لڳايو وڃي ڇوته بجلي جي تنگ بلن کان عوام اڳ ۾ ئي پريشان آهي سولر لڳائڻ وارن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون وڃن. ان کان علاوه وفاقي جي بجيٽ ۾ ان ڳالهه جو پڻ خيال رکيو وڃي ته پيپلز پارٽي جي منشور جي خلاف بجيٽ نه ٿئي، اميد آهي ته وزيراعظم درخواست تي توجه ۽ خيال رکڻ جو غور ويچار ڪندا. توانائي واري وزير چيو ته گذريل وفاقي بجيٽ ۾ صوبي سنڌ سان گڏ زيادتيون ڪيون ويون ۽ ميچنگ گرانٽ پڻ نه ڏني وئي پر اميد آهي ته هن دفعي گذريل سال ۽ نئين مالي سال ڏينهن جي ميچنگ گرانٽ ڏني ويندي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ پورٽ صوبو آهي جتي موٽر وي جي انتهائي ضرورت آهي پر صوبي سنڌ کي ڇڏي ڪري ٻين صوبن ۾ موثر وي ٺاهيا پيا وڃن، هن چيو ته جيتوڻيڪ سنڌ ترقي ڪندي ته ملڪ ترقي ڪندو سنڌ خوشحال ٿيندي ته ملڪ خوشحال ٿيندو سنڌ معاشي طور تي مستحڪم ٿيندي ته ملڪ معاشي طور تي مستحڪم ٿيندو. توانائي وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ سان ڳالهه ڪئي آهي ته هو گهٽ بلن وارن صارفين جي بجلي ڪنهن به صورت ۾ نه ڪٽن پراڻن ماڻهن کي نظر انداز ڪري نون بلن جي حساب سان ادائيگون وصول ڪن ۽ بجلي جو تسلسل برقرار رکن. صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي بجيٽ ۾ نيون ترقياتي اسڪيمون نه آڻي رهيا آهيون، پر جاري ترقياتي اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ جي بجيٽ جي ترجيحات شامل آهن. توانائي واري وزير ان موقعي تي چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر تعمير ڪرڻ وڃي رهي آهي جن جا گهر ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿي ويا هئا. هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران صوبن ۾ ٺاهڻ وارو سنڌ بجيٽ گهٽ رکيو ويندو آهي.










