سنڌ جو ڪوھ مري گورک هل اسٽيشن

تحرير  ايس ايم لغاري

پوري ملڪ ۾ جتي گرمي جي شدت برقرار آهي اتي دادو جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي موسم خوشگوار آهي گهمڻ لاءِ ايندڙ سياحن گورک هل اسٽيشن جا خوبصورت منظر ڏسڻ لاءِ ۽ ٿڌڙي هوائن جو مزو وٺڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ گورک هل اسٽيشن جو رخ شروع ڪري ڏنو آهي گورک هل اسٽيشن جنهن سنڌ جو ڪوھ مري به سڏيو ويندو آهي پاڪستان جي خوبصورتي جي ڳالھ ڪجي ته پنجاب يا خيبرپختونخواھ ذهن ۾ اچي ويندا آهن پر هن وطن عزيز ملڪ ۾ الائي ڪيترا ئي خوبصورت قدرتي تاريخي ماڳ موجود آهن بس ڏسڻ واري اک هجي اهڙو ئي هڪ تفريحي ماڳ سنڌ ۾ موجود آهي گورک هل اسٽيشن جنهن کي سنڌ جو ڪوھ مري يا نٿيا گلي به سڏيو ويندو آهي ڪراچي کان 450 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع هي گورک هل اسٽيشن سنڌ جي لاءِ قدرت جو انمول تحفو آهي هتي گرمين ۾ به ٿڌڙيون هوائون لڳنديون جنهن جي رفتار 4 کان 14 ميل في ڪلاڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته گرمي جو درجو حرارت 20 کان 25 تائين رهندو آهي جڏهن ته جنوري ۽ فيبروري جي مهيني برف باري به ٿيندي آهي ملڪ جي ڪهڙي به شهر مان 10 کان 15 ڪلاڪ جو سفر ٿڪائيندڙ سفر هوندو آهي پر گورک هل اسٽيشن پهچڻ سان ئي آلودگي کان پاڪ ٿڌڙي آب هوائون ۽ گورک هل اسٽيشن جي خوبصورت قدرتي منظر مسافرن جي ٿڪاوٽ کي نپوڙي ڇڏيندا آهن هي علائقو ڏينهن جي روشني پنهنجي جگھ تي من کي موهيندڙ علائقو آهي پر رات جا نظارا اڃان وڌيڪ خوبصورت هوندا آهن رات جي وقت تارن جي چادر سان ڍڪيل آسمان کي ڏسي ائين لگندو آهي ڄڻ ڪنهن نيلي رنگ جي چادر ۾ بيشمار هيرا جڙي ڇڏيا هجن بينظير ويو پوائنٽ هل اسٽيشن سب کان وڏي چوٽي جتان سج لهڻ ۽اڀرڻ جو منظر تمام وڌيڪ خوبصورت هوندو آهي 2400 ايڪڙ تي مشتمل گورک هل اسٽيشن سنڌ جي ضلع دادو ۽ بلوچستان جي ضلع خضدار جي سرحد تي مشتمل آهي هن خوبصورت جبل جي چوٽي جي 1340 ايڪڙ زمين صوبي سنڌ ۾ آهي جڏهن ته  1060 ايڪڙ زمين بلوچستان صوبي جي حصي ۾ آهي گورک هل اسٽيشن پهچڻ لاء دادو تائين بس جو سفر ڪرڻو پوندو آهي باقي گورک هل اسٽيشن تائين جو سفر جيپ جي ذريعي ڪيو ويندو آهي يا موٽرسائيڪل تي سفر ڪيو ويندو آهي جيڪڏهن ڪنهن وٽ پنهنجي 4×4 گاڏي هوندي آهي ته ان گاڏي تي به گورک هل اسٽيشن تائين سفر ڪيو ويندو آهي دادو کان گورک هل اسٽيشن تائين 4ڪلاڪ جو سفر آهي  روڊ انتهائي خطرناڪ ۽ سوڙهو جنهن تي هڪ وقت ۾ هڪ ئي گاڏي گذري سگهي ٿي جبل جون وڏيون وڏيون چوٽيون سفر دوران نظر ايندڙ کاهيون ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ اجھو گاڏي وئي گورک هل اسٽيشن تي ويندڙ هي رستو سنڌ حڪومت جي دور حڪومت ۾ ٺاهيو ويو هو گورک هل اسٽيشن اٿارٽي جو چئيرمين رفيق احمد جمالي کي مقرر ڪيو ويو جنهن کان بعد  پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع دادو جي صدر ايم اين اي دادو جوھي سردار رفيق احمد جمالي جي ڪوششن ۽ محنت سان گورک هل اسٽيشن تي ريسٽورنٽ، بينظير ويو پوائنٽ، فيملي هٽس، پارڪ، مسجد، موبائل ٽاور سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون انکان اڳ گورک هل اسٽيشن تي ڪا به سهولت نه هوندي هئي اڄ گورک هل اسٽيشن پوري ملڪ ۾ مشهور آهي جنهن کي ڪوھ مري ۽ نٿيا گلي به سڏيو ويندو آهي ايم اين اي دادو جوھي سردار رفيق احمد جمالي جو چوڻ آهي ته گورک هل اسٽيشن کي وڌيڪ خوبصورت ڪرڻ لاء ڪوشش جاري آهي ته جئين ٻاهرين ملڪن جا سياح به گهمڻ اچن ۽ گورک هل اسٽيشن جي خوبصورتي ۽ ٿڌڙين هوائن مان لطف اندوز ٿين گورک هل اسٽيشن جي انهي رستي سان دادو جي مشهور ندي گاج ندي به اچي ٿي جنهن جي پنهنجي هڪ اهميت آهي گاج ندي، نئين نلي، سميت 7 نديون آهن جيڪي خوبصورتي جو مرڪز بڻيل آهن لفظ “گورک” جي حوالي سان تاريخون آهن  مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته لفظ گورک جو نالو هڪ هندو جوڳي سڙي گورک ناٿ سان منسوب ڪيو ويو آهي هڪ تاريخ مان ملي ٿو ٻڌايو پيو وڃي ته گورک سنسڪرت زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ڍڳيون ٻڪريون رڍون چارڻ آس پاس جا مقامي ماڻهون پنهنجا ڍور گورک چارڻ ايندا هئا ان ڪري نالو گورک رکيو ويو وڌيڪ معلومات مطابق ٻڌايو پيو وڃي پهريان گرک سڏيو ويندو هو پوءِ گورک سڏيو ويو گرک جي معنيٰ بگهڙ به ٻڌايو پيو وڃي جيڪي پهريان تمام گهڻا بگهڙ هوندا هئا سنڌي زبان ۾ لفظ گورک جي معنيٰ مشڪل ڏکيا رستا به چيو ويندو آهي گهڻا ماڻهون انهي لفظ تي متفق آهن جيڪڏهن حڪومت سنڌ وڌيڪ توجھ ڏي ته هي هڪ اڃان به وڌيڪ مقبول تفريحي ماڳ بڻجي ويندو پنهنجي ملڪ کان علاوه ٻاهرين ملڪن جي وڏي تعداد گهمڻ اچي سگهي ٿي گورک هل اسٽيشن تي گهمڻ لاءِ گورک هل اسٽيشن جي خوبصورتي ڏسڻ لاءِ ٿڌڙين هوائن مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ اڄ به ملڪ چارن ئي صوبن جا سياح وڏي تعداد ۾ اچن ٿا ۽ انجوائي ڪندا آهن گورک هل اسٽيشن دادو کان جوهي ان کان پوءِ واهي پانڌي شهر اچي ٿو اتان گورک رستو ويندو آهي جڏهن ته دادو کان ڪڪڙ ۽ قصبو کان گاج ڊيم تائين رستو ٺهيل آهي اتان به گورک لاء وڃي سگهجي ٿو پر گاج ندي مٿان پل نه هجڻ ڪري  اڪثر ماڻهون واهي پانڌي کان ئي ويندا آهن اتي گورک وڃڻ لاءِ سواري به ملي وڃي ٿي جيڪڏهن گاج ندي مٿان پل لڳائي وڃي ته سياحن کي گاج کان گورک وڃڻ تائين اڃان به وڌيڪ خوبصورتي ڏسڻ ۾ ايندي سنڌ حڪومت کي ۽ دادو جي ايم اين اي سردار رفيق احمد جمالي کي اپيل ڪنداسين ته ڪوشش ڪري گاج ندي مٿان پل منظور ڪرائي ڏي ته جئين گورک ويندڙ سياحن کي وڃڻ ۾ آساني ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو