سنڌ جون عورتون سياست جي ميدان تي اچن: اياز پليجو

حيدرآباد (بيورو ) سنڌي عورت تنظيم (AJP) جي اڳوڻي مرڪزي صدر زاھده ڏاھري قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان ملاقات ڪري پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ۾ ملاقات دوران اياز لطيف پليجي زاھده ڏاھري کي ويلڪم ڪيو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جون عورتون سياست جي ميدان تي اچن. سنڌ ۾ عورتن سان غلامن جھڙو سلوڪ آھي. سنڌ جي حقيقي جدوجھد عورتن جي شموليت کان سواءِ اڻپوري آھي. سنڌياڻي تحريڪ ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. زاھده ڏاھري جي شموليت سان سنڌياڻي تحريڪ وڌيڪ سگھاري ٿي اڀرندي. زاھده ڏاھري چيو ته اياز لطيف پليجو سنڌ جو حقيقي آواز آھي. اياز لطيف پليجو سنڌ جو ڪيس انگن اکرن سان ميڊيا ۽ ٻين اعلي فورمن تي پيش ڪري ٿو. اياز لطيف پليجي ڪرپشن ۽ دھشتگردي خلاف زبردست جدوجھد ڪئي ۽ شھر شھر وڃي عوام کي بيدار ڪيو آھي. سنڌ جا ماڻھو قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿي سنڌ جي خوشحالي لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اچن.ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، زينت ڀٽي، خادم سمون، امداد پنھور، محمود رخشاڻي، مشتاق چانڊيو، الطاف خاصخيلي ٻيا اڳواڻ موجود ھئا. ھوڏانھن ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي پنهنجي پريس پڌرائي ڄاڻايو آهي تہ سڀاڻي (اڄ) قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي اجلاس صبح 9 وڳي حيدرآباد ٿيندو جنهن جي صدارت قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو ڪندو، اجلاس ۾ قومي عوامي تحريڪ مرڪزي ڪميٽي سان ضلعن جا صدر ئ جنرل سيڪريٽري، قومي عوامي تحريڪ جي برادر محاذن جا مرڪزي صدر /آرگنائيزر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ فيصلا ڪيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو