ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم (يونيسڪو) سنڌ جي ٽن اهم تاريخي قلعن کي عالمي ورثي جي جڳهن جي عارضي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي.يونيسڪو ۾ پاڪستان جي نمائندي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين کي هن ترقي بابت آگاهي ڏني وئي آهي.عارضي فهرست ۾ شامل هنڌن ۾ قلعو نوان ڪوٽ، عمر ڪوٽ ۽ ڪوٽ ڊيجي خيرپور شامل آهن، جيڪي پنهنجي تاريخي اهميت، قديم فن تعمير ۽ ثقافتي ورثي جي لحاظ کان نمايان آهن.سنڌ جي ثقافت کاتي ۾ نوادرات ۽ آثار قديمه جي ڊائريڪٽر جنرل، فتح شيخ چيو ته عالمي ورثي جي جڳهن جي آخري فهرست ۾ تاريخي جڳهن کي شامل ڪرڻ کان اڳ، انهن کي عارضي فهرست ۾ رکيو ويندو آهي، جتي انهن جي تاريخي، ثقافتي ۽ سائنسي پهلوئن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويندو آهي.فتح شيخ چيو ته انهن قلعن جي شموليت سان نه رڳو سنڌ جي تاريخ کي عالمي سطح تي سڃاڻپ ملندي پر سياحت ۽ مقامي معيشت کي به فروغ ملندو.هن وڌيڪ چيو ته هاڻي تائين پاڪستان ۾ 30 ورثي جا هنڌ ابتدائي فهرست ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٺٽي ۾ موهن جو دڙو ۽ مڪلي سميت 6 ماڳن کي آخري فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.










