ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي صوبي ۾ رهندڙ پرڏيهي مهاجرن خلاف حڪومتي رٿ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. رپورٽ موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، سوالن جي وقفي کانپوءِ پيپلز پارٽي جي ميمبر هير سوهو غيرقانوني رهندڙن واري معاملي تي تحريڪ التوا جمع ڪرائي،پارلياماني معاملن واري وزير ضياءَ لنجار التوا واري رٿ تي بحث جي حمايت ڪئي پر ان دوران مهاجرن بابت پيپلزپارٽي جي ميمبر ماروي رشيد جي بيان تي اپوزيشن ميمبر ناراض ٿي ويا.اسپيڪر معاملو اٿارڻ تي ماروي راشدي جا جملا ايوان جي ڪارروائي مان خارج ڪري ڇڏيا،آغا سراج دراني چيو ته اسان ڪنهن به قوم خلاف نه آهيون، سنڌ مهاجرن کي ڀليڪار ڪري ٿي.ايم ڪيو ايم ميمبر اعجازالحق چيو ته اسان لڏپلاڻ جي وقت پاڪستان جو حصو پاڻ سان گڏ کڻي آيا هئاسين.غير قانوني مهاجرن جي معاملي تي ڊگهي بحث کانپوءِ ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اجلاس 6 سيپٽمبر جمعي تائين ملتوي ڪيو ويو.










