سنڌڙي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ڀاءُ هٿان ڀيڻ قتل

سنڌڙي (ن س) سنڌڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ الله وسايو ٻرڙو ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ هڪ سال اڳ شادي ٿيل 24 ورهين جي ناري مسمات نبيلا زال رياض احمد ٻرڙو کي سندس ڀاءُ ارشاد احمد ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو.سنڌڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ الله وسايو ٻرڙو ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ هڪ سال اڳ شادي ٿيل 24سالا ناري مسمات نبيلا زال رياض احمد ٻرڙو ڪارنهن جي الزام هيٺ ڀاءُ ارشاد احمد هٿان قتل ٿي ويو.جوابدار مسمات نبيلا کي پسٽل جا فائر ڪري سخت زخمي ڪري وڌو جيڪا اسپتال نييندي فوت ٿي وئي سنڌڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي عورت اسپتال نيو پئي ويو ته هو فوت ٿي وئي رابطو ڪرڻ تي سنڌڙي پوليس کي اطلاع مليو جتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت کي کڻائي اسپتال پهتاسين جتي هو فوت ٿي وئي جڏھن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو