سنڌو درياهه جو پاڻي زهريلو ٿيندو پيو وڃي،ڄام خان شورو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي خوراڪ ۽ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي ۾ ٽي ڊي ايس وڌي رهيو آهي، جنهن سبب پاڻي زهريلو ٿي رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ سنڌ جي خوراڪ ۽ آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته حيدرآباد جا شهري خطري ۾ آهن، پاڻي ڀرجي به وڃي ته صاف نه ٿيندو آهي.هن چيو ته سنڌو درياءَ جي ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي ۾ ٽي ڊي ايس وڌي پيو ۽ پاڻي زهريلو ٿي رهيو آهي.سنڌ جي خوراڪ ۽ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته ارسا جو چوڻ آهي ته سنڌ کي پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، هو سکر بئراج مان اضافي پاڻي ڇڏي رهيا آهن ته جيئن ڪو حادثو پيش نه اچي. هن وڌيڪ چيو ته 2005 ۾ به پاڻي زهريلو ٿيڻ سبب سوين ماڻهو فوت ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو