سني اتحاد سربراهه حامد رضا گرفتار

سني اتحاد سربراهه حامد رضا گرفتار

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ)سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا کي فيصل آباد مان گرفتار ڪيو ويو.پوليس ذريعن موجب، حامد رضا ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو ۽ عدالت کيس سزا ٻڌائي چڪي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس حامد رضا کي گرفتار ڪري فيصل آباد سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي.پوليس موجب، صاحبزاده حامد رضا کي اسلام آباد پوليس گرفتار ڪري فيصل آباد پوليس جي حوالي ڪيو. فيصل آباد پوليس حامد رضا کي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو