سمورن مڪاني ادارن، انتظاميا ۽ اسپتالن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري برساتن کي نظر ۾ رکندي سمورن لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته برساتي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن سمورن وڏن شاهراهن ۽ هيٺاهين وارن علائقن مان برساتي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي. هن ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن، ڪراچي اليڪٽرڪ، واسا ۽ ڪنٽونمينٽس کي هدايت ڪئي ته هو ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن. سيد آصف حيدر شاهه چيو ته شهر جي مکيه رستن تي ڊي واٽر ٽينڪر پمپ لڳايا وڃن. سمورا ضلعا انتظامن کي وقت سر مڪمل ڪن ۽ ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن، ٻئي طرف برساتن کي نظر ۾ رکندي ڊائريڪٽر ڊيموڪريشن عبدالسجاد خان جي سربراهي ۾ رين ايمرجنسي سينٽر قائم ڪيو آهي. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي عبدالرشيد سولنگي موجب رين ايمرجنسي سينٽر تي ٽيڪنيڪل اسٽاف ٽن شفٽن ۾ 24 ڪلاڪ ڊيوٽي ڏيندو، عملي جون موڪلون منسوخ ڪيون ويون آهن. شهر ۾ 515 زبون ۽ خطرناڪ عمارتن ۾ رهندڙ ماڻهن کي فليٽس خالي ڪرائڻ لاءِ آگاهي مهم شروع ڪئي وئي آهي. چيف آپريٽنگ آفيسر واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان مطابق واٽر ڪارپوريشن شهر جي مختلف شاهراهن تي سڪشن مشينيون لڳايون آهن، واٽر ڪارپوريشن جون سڪشن مشينون ۽ ڊي واٽرنگ پمپس سميت ٻي مشينري هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي. هن جو چوڻ هو ته وزيراعليٰ سنڌ ، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ميئر ڪراچي جي خاص هدايتن تي واٽر ڪارپوريشن انتظاميا برسات کان اڳ ئي سموري شهر خاص ڪري ميٽروپول هوٽل، وزيراعليٰ هائوس، گورنر هائوس، مسلم جم خانا، ميري ويڌر ٽاور، بلاول چورنگي، جناح ايئرپورٽ، آرٽس ڪائونسل چورنگي، پي سي هوٽل، 26 اسٽريٽ جناح اسپتال، نرسري، گورا قبرستان، بلوچ ڪالوني، ايف ٽي سي فلائي اوور، يونيورسٽي روڊ، شاهراهه قائدين، وزير مينشن ۽ ايم اي جناح روڊ جي مختلف علائقن ۾ سڪشن مشينون پهچايون ويون آهن. ان موقعي تي انجنيئر اسد الله خان وڌيڪ چيو ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر ورڪشاپ ڊويزن ۽ لاڳاپيل ايگزيڪيوٽو انجنيئر سمورن گاڏين جي نگراني ڪندا جڏهن ته برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم مڪمل ٿيڻ تائين واٽر ڪارپوريشن جون سموريون گاڏيون ۽ عملو روڊن تي موجود رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو