سمورا ملڪ اسرائيل کي هٿيار ڏيڻ بند ڪن،سعودي جو مطالبو

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ)سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سمورن ملڪن تي زور ڀريو ته هو اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي بند ڪن.برڪس اجلاس ۾ ورچوئل خطاب ۾ سعودي ولي عهد چيو ته غزه جي پٽي مان فلسطينين کي جبري بي دخل ڪرڻ ناقابل قبول آهي، 1667 جي حدن جي بنياد تي آزاد فلسطيني رياست جو قيام ناگزير آهي.محمد بن سلمان وڌيڪ چيو ته هو سمورن ملڪن کان مطالبو ڪري ٿو ته غزه تي حملا روڪڻ لاءِ اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي بند ڪري.سعودي ولي عهد غزه جي پٽي تي اسرائيلي حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته غزه ۾ انساني امداد فوري طور پهچايو وڃي.هن چيو ته غزه جي پٽي مان فلسطينين جي جبري بي دخلي ناقابل قبول آهي، فلسطين مسئلي جي حل لاءِ جامع امن ڳالهيون شروع ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. سعودي ولي عهد چيو ته اسرائيل کي غزه پٽي ۾ فوجي آپريشن فوري طور بند ڪرڻ گهرجي، سعودي عرب ڇڪتاڻ جي پهرين ڏينهن کان ئي شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو