سليم خان جو والد لاڏاڻو ڪري ويو، ايس اين ايس پاران تعزيت

سليم خان جو والد لاڏاڻو ڪري ويو، ايس اين ايس پاران تعزيت

ڪراچي (پ ر) ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز محمد سليم خان جي والد جو ٽيجهو آچر ڏهاڙي ٿيندو ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز سنڌ محمد سليم خان جي والد محمد فاروق خان لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز جامعه مسجد گلزار مدينه بفرزون ۾ ادا ڪئي وئي۔ محمد سليم خان جي والد جي جنازي نماز ۾ اڳوڻي صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر صغير احمد، اطلاعات کاتي جي آفيسرن گورنر هائوس آفيسرن۔ ملازمن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، محمد سليم خان جي والد جي ايصال ثواب لاء قرآن خواني ۽ ٽيجهو 30 جون آچر تي ظهر ۽ عصر جي وچ ۾ جامع مسجد گلزار مدينه بفرزون ۾ ٿيندو،اطلاعات کاتي سنڌ جي سيڪريٽري نديم الرحمان ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز سنڌ محمد سليم خان جي گهر پهچي سندس والد جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ مرحوم جي بلند درجات لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ايڊورٽائزمنٽ محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن اختر علي سرهيو، حزب الله ميمڻ، رياض ميمڻ، امتياز جويو، فدا حسين بالادي، منصور راجپوت، معيز الدين پيرزادو، فيصل فاروقي، شبيه صديقي، طارق امام، عبدالماجد خان، ڊپٽي ڊائريڪٽرن سارنگ چانڊيو، صاحب خان ڀنڊ، مير عالم جوکيو، سعيد ميمڻ، عليم الدين، عاطف وگهيو، سهيل جوکيو سميت ٻين آفيسرن پڻ تعزيت ڪئي..ڊائريڪٽر جنرل (پبلڪ رليشنز) انفارميشن ڊپارٽمينٽ سنڌ محمد سليم خان جي والد محمد فاروق خان جي اوچتي لاڏاڻي تي سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي (SNS) پاران گهري ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي (SNS) جي صدر قاضي شفيق، جنرل سيڪريٽري رضوان شاهه سميت ديدار سنديلو، ايوب پيرزاده، عامر راٺوڙ، شاهد انصاري، نسيم اختر شيخ ۽ ٻين پاران ڌڻي در دعا ڪئي وئي ته الله پاڪ مرحوم جي مغفرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي غم سهڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو