سلام آهي سنڌ جي ماڻهن کي جن سرڪار کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ کان روڪيو

سلام آهي سنڌ جي ماڻهن کي جن سرڪار کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ کان روڪيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته سلام آهي سنڌ جي ماڻهن کي جن سرڪار کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ کان روڪيو، عوامي جاگرتا ۽ حڪومت جي سجاڳي سبب ايڪنڪ کي اماڻيل 6 ڪئنالن واري رٿا کي ايجنڊا ۾ شامل نه ڪيو ويو. نثار احمد کهڙو درياءَ خان مري جي ڳوٺ کنڊو مري پهچي پ پ سٽي جي اڳوڻي صدر جيئند مري جي پونيئرن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو عوام پاڻي کي پنھنجي زندگي ۽ موت جو مسئلو سمجھندو آھي. هن چيو ته سندن موقف واضح آهي ته جتي پاڻي جي کوٽ ۽ گھٽتائي آھي اتي وڌيڪ ڪينال ڪيئن ٿا ٺھي سگھن…..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو