سعودي وزير جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سعودي جي دفاع واري شهزادي خالد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود اسلام آباد ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي آهي.ملاقات ۾ صدر آصف زرداري شهزادي خالد بن سلمان جي دفاعي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار جي تعريف ڪئي.شهزادي خالد بن سلمان بن عبدالعزيز وزيراعظم شهباز شريف سان پڻ ملاقات ڪئي. جڏهن ته دفاع وارو وزيرو خواجه آصف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير به ان وقت موجود هئا.ملاقاتن ۾ علاقائي امن وسلامتي ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون.ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته منهنجي گذريل دور ۾ سعودي عرب پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ بهتري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.وزيراعظم طرفان سڀني کان وڏو سول ايوارڊ نشان پاڪستان ملڻ تي سعودي دفاع واري وزير کي مبارڪباد پڻ پيش ڪئي وئي. سعودي دفاع واري واري به يوم پاڪستان جي پريڊ ۾ بطور خاص مهمان جي طور تي گهرائڻ تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو