سعودي عرب جي سمنڊ ڪناري ايراني ٽينڪر تي حملو

تهران (ڊيسڪ نيوز) سعودي عرب جي سامونڊي ڪناري ڀرسان تيل ڍوئيندڙ ايراني بحري ٽينڪر کي باهه وڪوڙي وئي آهي. ايراني تيل ڪمپنيءَ دعويٰ ڪئي آهي ته آئل ٽينڪر کي ميزائل سان نشانو بڻايو ويو آهي. برطانوي نشرياتي اداري بي بي سيءَ پاران ڏنل خبر مطابق ايراني ميڊيا حادثي متعلق تفصيل جاري ڪندي چيو آهي ته سعودي شهر جده کان 60 ميلن جي مفاصلي تي بندرگاهه ڀرسان ايران جي نيشنل آئل ڪمپني جي ٽينڪر ۾ باهه لڳي وئي. واقعي بعد ٽينڪر مان تيل وهڻ شروع ٿي ويو آهي جڏهن ته جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو. ايراني ڪمپنيءَ پاران ٽينڪر کي ميزائل سان نسانو بنائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي پر ڪي به ثبوت پيش ناهن ڪيا ويا.  

پهنجو تبصرو موڪليو