نواز کي صدر ۽ خواجا کي سيڪريٽري جنرل بڻائڻ جي تجويز

لاهور (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق کي مسلم ليگ ن جو سيڪريٽري جنرل بڻائڻ جي تجويز سامهون آئي آهي. ذريعن موجب حتمي فيصلو جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري اها تجويز جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس 11 مئي تي لاهور ۾ ٿيندو، جنهن ۾ نواز شريف کي مسلم ليگ ن جو صدر بڻايو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته احسن اقبال پ پ جي حڪومت دوران به پارٽي قيادت کي استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو هو.احسن اقبال چيو ته هڪ سال اڳ پارٽي قيادت کي چيو هو ته هو عهدو ڇڏڻ چاهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو