سرڪاري کاتن ۾ وڏي پيماني تي ڀرتين جي منظوري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ملڪ جي بيروزگار نوجوانن لاءِ اهم خبر سامهون اچي وئي آهي ته وفاقي وزارتن ۽ ماتحت ادارن ۾ گريڊ هڪ کان 17 جي 1102 خالي جڳهين تي ڀرتين جي منظوري ڏني وئي آهي.اسٽيبلشمينٽ ڊويزن هر اداري لاءِ ڌار ڌار اين او سي جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس اسلام آباد ۾ ميڊيڪل آفيسرز(گريڊ 17) جي 12 خالي جڳهين تي ڀرتي لاءِ اين او سي ڏني وئي آهي اهي ڀرتيون ايف پي ايس سي جي ذريعي ٿينديون. جڏهن ته نيشنل لائبريري ۾ گريڊ 16 ۽ 17 جي 2 انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ گريڊ هڪ کان 13 جي 5 ۽ دفاع ڊويزن ۾ گريڊ 4 کان 15 جي 206 ڀرتيون ڪيون وينديون.ان کان علاوه سمنڊر پار پاڪستانين جي وزارت ۾ گريڊ هڪ کان 15 جي 66، پمز اسپتال ۾ گريڊ هڪ کان 15 جي 429(خاص طور 85 ريگيولر) دفاع واري وزارت، جي ايڇ ڪيو ۾ انفارميشن آفيسر گريڊ 17 جي هڪ ۽ گريڊ 16 جي ڪمپيوٽر آپريٽر جي هڪ ۽ فيڊرل گورنمنٽ پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ گريڊ هڪ کان 15 جي 77 جڳهين تي به ڀرتيون ڪيون وينديون.پرڏيهي وزارت ۾ گريڊ 4 کان 15 جون 85، اسٽاف ويلفيئر آرگنائيزيشن ۾ گريڊ 15 جون 6، پاڪستان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ريسرچ ۾ گريڊ هڪ کان 14 جون 13 ۽ ايف آءِ اي ۾ گريڊ هڪ کان 15 جي 199 خالي جڳهين تي ڀرتي لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سرپلس پول مان اين او سي جاري ڪيون ويون آهن. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن هر اين او سيز کي جاري ڪرڻ جو باضابطه آفيس ميموريڊم به جاري ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو