سرمد جي وڇوڙي کي 23 سال ٿي ويا پر سنڌ کان وسريو ناهي

سکر (جيرام داس )قومي راڳي سرمد سنڌي جي وڇوڙي کي 23 سال گذري ويا، اڄ به سرمد سنڌي ڪروڙين دلين تي راڄ ڪري ٿو.سرمد سنڌي 27 ڊسمبر 1996 ۾ ٺٽي ڀرسان روڊ حادثي ۾ اسان کي وڇڙي ويو، سرمد سنڌي خيرپور جي ڳوٺ پريالوءِ ۾ جنم ورتو، سرمد سنڌي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول پريالوءِ ۽ ميٽرڪ هاءِ اسڪول پريالوءِ ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخلا ورتي، جتان ڊپلوما انجنيئرنگ سول ٽيڪنالاجي ۾ پاس ڪيائين.سرمد پيشي جي لحاظ کان سول انجنيئر هو، سرمد سنڌي جي اڄ 23هين ورسي ملهائي پئي وڃي، سرمد سنڌي جي گيتن کي گڏ ڪري ڪوثر ٻرڙو ڪتاب “امر راڳي امر گيت سرمد سنڌي” لکيو، سرمد سنڌي مشهور قومي گيت “ تنهنجي ياد جي وري آ وير، ڪنڊيءَ نه سڱري ٻٻر نه پلڙو، دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا، جلاوطن جلاوطن مان ڪيئين رهان جلاوطن، گھاو مونکي لڳا ڏس اڪيلي گھڻا، ڏکڙا ڏينهڙا ڏوري وڃبا، هونئن ته مٽي جي چپٽي آهيان جيئي ديس ته ڌرتي آهيان، آئون ڪيئن سيج سمهان منهنجا ماروئڙا پڌري پٽ سمهن، جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين، ڪتيون ڪيئي ياد ۾ گذريون چڱو چيٽن ۾ ملنداسين ۽ ٻيا ڪيترائي بيشمار انقلابي گيت چيا.سرمد سنڌي اڄ به ڪروڙين دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو