اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته سرمائيڪارن لاءِ سازگار ماحول ۽ سهولتون ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي.نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ اسپيشل انويسٽمينٽ فسيليٽيشن ڪائونسل جي ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزير، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ عسڪري اختيارين به شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم ۽ ڪابينه کي ڪونسل بابت اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي.ذريعن موجب فوڊ سيڪيورٽي جي وزارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ معدنيات جي سرمائيڪاري بابت معاملن تي اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي.نگران وزير، ۽ عسڪري اختيارين طرفان سرمائيڪاري جي شعبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسپيشل انويسٽمينٽ فسيليٽيشن ڪائونسل جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ملڪ ۾ ٻاهرين سرمائيڪاري سان معاشي حالتن کي بهتر بنائي سگهجي ٿو. سرمائيڪارن لاءِ سازگار ماحول ۽ سهولتون ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي. پهريون ڀيرو آهي ته ملڪي معيشت جي لاءِ هڪ ويزن نظر اچي رهيو آهي.










