سرحدي ڇڪتاڻ سبب پاڪ افغان واپار معطل، اربين روپين جو نقصان

سرحدي ڇڪتاڻ سبب پاڪ افغان واپار معطل، اربين روپين جو نقصان

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب سرحدن تي واپار معطل ٿيڻ سان واپارين کي اربين روپين جو نقصان ٿيو آهي. 12 آڪٽوبر کان سمورين سرحدن تي ٻطرفو واپار معطل ٿيڻ سبب اربين روپين جو ماليت معطل ٿيڻ سبب اربين روپين جي ماليت جي درآمدات ۽ برآمدات سميت ٽرانزٽ ٽريڊ بند ٿي ويو آهي، سرحد جي ٻنهي طرفن کان هزارين مال بردار گاڏيون ڦاٿل آهن.پاڪستان مان چانور، سيمنٽ، دوائون، طبي اوزار، ڪپڙو تازي فروٽ سميت ٻيون شيون جڏهن ته افغانستان مان ڪوئلو، تازو فروٽ، سوپ سنون، ڀاڄيون، خشڪ فروٽ سميت ٻيو سامان پاڪستان امپورٽ ڪيو ويندو آهي.سيڪيورٽي ذريعن موجب 11 ۽ 12 آڪٽوبر جي وچ واري رات افغان فورسز جي ڇتي فائرنگ جو پاڪستاني فورسز ڀرپور جواب ڏنو جنهن کان پوءِ چترال کان وٺي بلوچستان تائين پاڪ افغان سرحد تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي.ڇڪتاڻ سبب افغانستان طورخم، خرلاچي، غلام خان ۽ چمن واپاري گذرگاهون بند ٿيڻ سبب ٻنهي ملڪن کي اربين روپين جي ماليت جي واپاري خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو