لاهور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق بجلي جي اگهن ۾ واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته هي فيصلا هضم نه ٿيڻ وارا آهن، بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو مسئلو عوام کي پريشان ناهي ڪيو.هن چيو ته عوام پنهنجي آمدني کان وڌيڪ بجلي جو بل ڪيئن برداشت ڪري سگهي ٿو.سراج الحق چيو ته عوام اٿي بيٺو آهي ۽ بلن کي ساڙي رهيو آهي.










