سجل علي جو انسٽاگرام وارو اڪائونٽ اوچتو غائب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سجل علي انهن چند پاڪستاني اداڪارائن مان هڪ آهي جنهن جا انسٽاگرام فالوورز 10 ملين جي لڳ ڀڳ هئا پر اداڪارا جو اڪائونٽ اوچتو غائب ٿي ويو جنهن سبب مداح پريشان ٿي ويا.سوشل ميڊيا صارفين سجل علي کي انسٽاگرام تي سرچ نه ڪري سگهيا آهن، انسٽاگرام جي اسڪرين تي معافي نامو به نظر اچي رهيو آهي.اهو اڃا واضح ناهي ته سجل جو 9.4 ملين (94 لک) اڪائونٽ پاڻ ڊليٽ ڪيو ويو آهي يا اهو عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي.ان ڳالهه جو به امڪان آهي ته سجل علي جو اڪائونٽ هيڪ ڪيو ويو هجي پر في الحال ان حوالي سان ڪي به تفصيل سامهون نه آيا آهن.واضح رهي ته سجل علي جي انٽرنيشنل فلم ”ڇا پيار ڪيو ويو ان سان“ اڄ 24 فيبروري تي رليز ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو