سُميرچانڊيو
جيتوڻيڪ.!! هيلوڪين برساتن مجموعي طور پوري سنڌ کي ٻوڙي تمام وڏو نقصان ڪيو آھي، جنهن جو ازالو ممڪن ئي ناهي. پر لاڙ پٽي جي ضلعي سجاول ۾ برسات جي ڪري جيڪي تباهڪاريون ٿيون آھن، جن کي ڏسي اکيون رت جا ڳوڙھا ڳاڙين ٿيون، هن بارشن ڪيترن ئي ماڻهن جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ڪري ڇڏيون آھن، هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا، لکين ايڪڙن تي مشتمل زمينن ۾ بيٺل سارين جا فصل ٻڏي ۽ ٻيو پوکون پڻ ختم ٿي ويون. ڪيترائي خاندان روڳ ۾ وٺجي ويا. شاھ بندر ۽ جاتي تعلقي جا کوڙ ڳوٺ سمنڊ جي کاري پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آھن، مسڪين ماڻهن جي رهڻ جا اجها تہ ختم ٿي ويا پر هاڃو اهيو آھي تہ وٽن کائڻ لاء ڪجھ بہ ناهي، متاثر مارو ماڻھو بي يارو مددگار ٿي آسمان ڏانهن ڏسي رهيا آھن. جڏھن تہ اسان جا حڪمران قُدرتي آفتن جو بهانو بڻائي پنهنجي ذميوارين کان آجا ٿي وڏن بنگلن ۾ آرامي آھن. مڃي بہ وٺجي تہ قُدرتي آفتون ڪنهن بہ مُلڪ جي وس کان ٻاهر هونديون آهن ۽ اُنهن کي مُنهن ڏيڻ مشڪل هوندو آهي، ايستائين جو دُنيا جا ترقي يافتہ مُلڪ بہ اهڙين آفتن وارين گهڙين ۾ مشڪلاتن جو شڪار هوندا آهن، پر اُتي ايترو نقصان ناهي ٿيندو، جيترو اسان وٽ معمول وارين بارشن ۾ ٿئي ٿو. جيڪو پڻ آفتن سبب گهٽ، پنهنجي غلط پلاننگ سبب وڌيڪ ئي ٿيندو آهي. اُن کان علاوه هن رياست ۾ سڀ کان وڏو تباهين جو سبب غربت آهي، جيڪا ماڻهن کي اِهو سوچڻ جي وٿي ئي نہ ٿي ڏئي تہ اُهي پنهنجا اجها مُندن ۽ موسمن جي آڌار جوڙين. بلڪہ پکين جيئن ڪک پن گڏ ڪري ماڻهو ڇپر ڇانوَ ڪرڻ لاءِ بہ حاضرت هوندا آهن، جيڪي ٿورڙي طوفان يا مينهن ۾ اچي پٽ پوندا آهن. حقيقت ۾ اها رياست جي ذميواري هُجڻ گهرجي تہ اُها پنهنجي ماڻهن جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائي، پر بدقسمتيءَ سان هتي جي جمهوري توڙي غير جمهوري حڪمرانن سدائين پنهنجي زندگيءَ جي معيار تي توجہ ڏني آهي، جنهن سبب غريب ماڻهو سدائين ڏچي ۾ رهيو آهي، اُهو ڪڏهن زلزلن جي زد ۾ اچيو وڃي تہ ڪڏهن طوفان توڙي مينهن سندن الهہ تلهہ تباه ڪريو ڇڏين. اُن کان علاوه رستن توڙي چوراهن تي کڙا ڪيل سائن بورڊ پڻ سدائين موت جو سائرن وڄائيندا رهن ٿا. نہ تہ اُنهن جي پختگيءَ لاءِ ڪو قانون يا پُڇاڻو آهي، نہ ئي سياستدانن جي آدم قد پوسٽرن لڳائڻ لاءِ ڪنهن اجازت نامي جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن اُنهن لاءِ ڪا قانوني چاره جوئي هُجي تہ هوند طوفاني صورت ۾ ايتري نقصان جو مُنهن ڏسڻو نہ پوي. پر ڳالھ وري بہ ساڳي ئي اچي بيهي ٿي تہ هن مُلڪ جي حڪمرانن کي آخر ڪهڙو لاچار تہ اُهي غريب ماڻهن جي سلامتيءَ لاءِ ڪي گهڙيون خرچ ڪن! بهرحال سجاول ضلعي جي چونڊيل نمائندن لاءِ اصل امتحان آهي تہ اُها انهيءَ ڏُک جي گهڙيءَ ۾ پنهنجن ماڻهن جو ڪيترو ساٿ ڏين ٿا. ساڳي ريت وفاقي حڪومت جو پڻ فرض ٿو بڻجي تہ اُها مصيبت هيٺ آيل ماڻهن جي واهر لاءِ صوبائي سرڪار سان سهڪار ڪري تہ جيئن ٿيل نقصان جي ازالي سان گڏوگڏ امڪاني نقصانن لاءِ بہ ڪي تدبيرون جوڙي سگهجن.
وزيراعليٰ اڪيلو هتان ڦيرو ڏئي ڦوٽو ڪڍرائي هليو ويو پر اڃا تائين مدد اخباري بيانن تائين محدود آھي۔ ضلعہ انتظاميہ جون دعوائون هڪڙيون ۽ زميني جون حقيقتون ٻيون آھن۔ هنن عارضي طور قائم وستين ۾ رهندڙ ماڻھو ئي انهي عذاب کي سمجهي سگهن ٿا۔ ڦوٽو ۾ گڏ بيهڻ ۽ ڏک ۾ گڏ بيهڻ ۾ وڏو فرق هوندو آھي۔ شايد هنن مسڪين ۽ نادار ماڻھن کي انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي جيڪي اَنُ اپائيندي پاڻ بُکئي پيٽ سمهندا آھن۔ ڪپھ پوکيندي سندن ٻچن جي تَنَ تي ڪپڙو نہ هوندو آھي۔ وقت ويري ۽ زمانو هنن جو دشمن آھي۔ اسين اُميد ٿا ڪريون تہ برسات جي تباهيءَ هيٺ آيل ماڻهن جي نقصان جو ازالو ڪيو ويندو.










