ستلج، راوي ۽ چناب ۾ تيز برساتن سبب سيلاب جو خدشو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ڊي جي موسميات کاتي مهر صاحبزاد خان چيو آهي ته چناب، راوي ۽ ستلج جي علائقن ۾ تيز برساتون جاري آهن، جنهن سبب اتي به ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.ان موقعي تي ڊي جي موسميات کاتي مهر صاحبزاد خان چيو ته مون سون جون برساتون ڪجهه هنڌن تي وڌيڪ ۽ ڪجهه هنڌن تي گهٽ ٿيون، خيبرپختونخواهه ۾ گهڻو ڪري جبل وارو علائقو آهي ان ڪري برساتن جو پاڻي اتي وڌيڪ تباهي جو سبب بڻجندو آهي، شهري علائقن ۾ شهري ٻوڏ ۽ جبلن ۾ برساتون پونديون آهن. انهن علائقن ۾ ٻوڏ اچي رهي آهي جيڪا تمام خطرناڪ آهي.هن چيو ته اسان 3 جولاءِ کان 8 جولاءِ تائين برساتن جو سلسلو ڏيکاريو هو، چناب، راوي ۽ ستلج جي علائقن ۾ تيز برسات ٿي رهي آهي، جنهن سبب اتي به ٻوڏ جو خدشو آهي، ٻوڏ جو تمام گهڻو خطرو آهي. ڊي جي موسميات کاتي جو چوڻ هو ته مون سون جون برساتون اهڙيون ناهن جو هڪ يا 10 ڏينهن ۾ برساتون پون، اهو ٽن مهينن جو اسپيل هوندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن سٺو اسپيل به اچي ويندو آهي، ان حوالي سان اسان ايندڙ ڏينهن لاءِ ڪافي تيار آهيون ۽ وقت ۾ ماڻهن کي هر شي پهچايو ويندي،صاحبزاد خان وڌيڪ چيو ته برساتن دوران شهري احتياطي اپاءَ وٺن، جبل ۽ ميداني علائقن ۾ مختلف خدشا آهن ان ڪري ٻنهي هنڌن تي رهندڙ ماڻهو احتياط ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو