خانپور مهر (ن س) ڪارنهن مامري تان شروع ٿيندڙ ساوند-سندراڻي خوني تڪرار جو نبيرو گوهر پئلس تي علي گوهر مهر جي سرپئنچي هيٺ ٿيو. جرڳي ۾ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، غوث بخش مهر، جلال ڪلپر بگٽي،ڊاڪٽر طارق ساوند، عابد سندراڻي ۽ ٻيا چڱا مڙس شريڪ ٿيا، جرڳي دوران گوهر پئلس ٻاهران سيڪورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا. ٻنهي ڌرين جو ڳالهيون ٻڌڻ بعد سرپئنچ طرفان نبيري جي فتويٰ جاري ڪئي وئي، ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور 6 ڪروڙ 36 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جرڳي ۾ ساوند ڌر جا سندراڻين ڏي 13 خون ثابت ٿيا، جن جو 3 ڪروڙ 21 لک رپيا جڏهن ته سندراڻين جا ساوندن ڏي 11 خون ثابت ٿيڻ تي 3 ڪروڙ 15 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو.










