سام سنگ جو فولڊايبل فون، جديد فيچرز سان گڏ متعارف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا جي ٽيڪنالوجي ڪمپني سام سنگ فولڊايبل فون متعارف ڪرايو آهي. سام سنگ Samsung Galaxy Z Flip 3 سمارٽ فون جيڪو سائيز ۾ ته وڏو آهي پر ان جي فولڊ ٿيندڙ خاصيت ان کي سولائيءُ سان کيسي ۾ رکڻ جوڳو بڻائي ٿي. هي فائيو جي فون آهي، فولڊ ايبل ڊسپلي اٿس، ريورس وائرليس چارجنگ15 واٽ فاسٽ چارجنگ جي سهولت اٿس. هن سمارٽ فون جا 4 ماڊل متعارف ڪرايا ويا آهن جڏهن ته اهي 7 رنگن ۾ صارفين کي دستياب هوندا. Galaxy Z flip3 جي قيمت 1000 ڊالر (يعني پاڪستاني هڪ لک 66 هزار رپيا) رکي وئي آهي جنهن ۾ اوهان کي اها سمارٽ فون 128 جي بي اسٽوريج ۽ 8 جي بي ريم فراهم ڪندي. 256 جي اسٽوريج ۽ 8 جي بي ريم وارو ماڊل اوهان هڪ هزار 50 ڊالرن (هڪ لک 75 هزار پاڪستان رپين) ۾ خريد ڪري سگھو ٿا.

Screen shot

ان کان سواءِ 256 جي بي اسٽوريج ۽ 12 جي بي ريم وارو سمارٽ فون 1800 ڊالرن (3 لک پاڪستاني رپين) جڏهن ته ان جو چوٿون ماڊل 512 جي بي اسٽوريج ۽ 12 جي بي وارو سمارٽ فون 1900 ڊالرن خريد ڪري سگھجي ٿو. هن سمارٽ فون جي ڪيمران جي ڳالهه ڪنداسين ته ان ۾ 12 ميگا پڪسل وائڊ ۽ 12 ميگا پڪسل الٽراوائڊ ڪيمرا ڏني وئي آهي جڏهن ته ان جي فرنٽ ڪيمرا 10 ميگا پڪسل جي آهي. هن فون ۾ MAH 3300 جي بيٽري لڳائي وئي آهي جنهن سان اوهان سمارٽ فون کي ڪلاڪن تائين چارجنگ کان سواءِ استعمال ڪري سگھو ٿا.

Screen shot

سمارٽ فون کي جيڪڏهن فولڊ ڪيو وڃي ته ان جي اسڪرين 2.84×3.40×6.74 ان جي ڊسپلي ڏيندي،  ان کان سواءِ ان سمارٽ فون ۾ هڪ نوٽيفڪيشن اسڪرين يا تصوير ڪڍڻ لاءِ به اسڪرين ڏني وئي آهي جڏهن اوهان ان فون کي فولڊ ڪندا ته موبائل جي ٻاهرين حصي تي 1.9 انچ جي ڊسپلي ڏيندڙ اسڪرين هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو