سارين جو اگهه گهٽ ملڻ، نقلي ٻجن جي فراهمي خلاف احتجاج

ٿرڙي محبت (صدام حسين چانڊيو) نقلي زرعي دوان، ڀاڻ ۽ ٻج جي وڪري ۽ ڪارخانيدارن پاران سارين جو اگهه آبادگارن کي گهٽ ملڻ خلاف ايس يو پي جي اڳواڻن جو احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو. مظاهرين چيو ته واپارين جي مدي خارج ۽ نقلي دوائن ڪو اثر نه ڪيو سارين جي فصل تي جيتن جو حملو ڪنٽرول نه ٿيو ۽ ساريون کس ٿي ويون آهن. مٿان وري ڪارخانيدار موسچر جو بهانو ڪري ڪٽوتي ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته هڪ پاسي ريٽ گهٽ ٻئي پاسي ڪٽوتي سبب آبادگار پريشان آهن. ڪارخانيدارن اگهه 8سئوکان هڪ هزارروپيه مقرر ڪري ڇڏيو آهي جنهن مان فصل جي لاڳت به ڪون ٿي نڪري. حاجي خان چانڊيو، عبدالمجيد سومرو، شبيرمنگي ,انعام کوسو,صدرجانوري  ۽ ٻين چيو ته سنڌحڪومت  ۽ ضلعي انتظاميا نوٽيس وٺي آبادگارن جو معاشي قتل بند ڪرائي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو