اسلام آباد: سيڪريٽ ايڪٽ اسپيشل ڪورٽ سفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد جي سيڪٽر ايڪٽ اسپيشل ڪورٽ جي جج ابوالحسنات سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل سائفر ڪيس جي ڪاپي فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جيڪا عدالت قبول ڪري ورتي.جج چيو ته جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪرڻ لاءِ شاهدن جا بيان ڪافي آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود اڊيالا جيل ۾ قيد آهن، ٻنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ عدالت اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ کي 4 آڪٽوبر لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. بعد ۾ عدالتي عملدار وڪيل خالد يوسف کي ٻڌايو ته چالان جي ڪاپي فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن گهربل هوندو، چالان جي ڪاپي سڀاڻي فراهم ڪئي ويندي.عدالتي عملدارن وڪيل کي ٻڌايو ته چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
