ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته رياست بچائڻ لاءِ گڏيل طور ڪردار ادا ڪيو ويندو،پ پ ذريعن موجب آصف زرداري نواز شريف کي وطن واپسي تي مبارڪباد ڏني،ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته رياست کي بچائڻ لاءِ سڀ گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، ٻنهي اڳواڻن عوام کي رليف ڏيڻ ۽ معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم فيصلا ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو،پيپلز پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي ملاقات جي دعوت ڏني آهي ۽ جلد ملاقات جو امڪان آهي
