زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي  پيو

زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي پيو

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين. آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي رھيو آھي.ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا بند ڪيا وڃن. گرين پاڪستان منصوبو سنڌ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ بنائي ڇڏيندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري اوچتو ناهي ڏني وئي، سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي تاريخ پراڻي آهي. چشما جهلم لنڪ ڪينال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ٺھڻ وقت چيو ويو تہ آھي صرف ٻوڏ دوران سنڌ جي منظوري کان پوء کوليا ويندا پر ھاڻ سڄو سال سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي ڪئنال وھايا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ گريٽر ٿل ڪئنال ڌاڙيل واھ آھي. سمورا ڌاڙيل منصوبا پيپلز پارٽي جوڙيا آھن. اقتدار خاطر ھاڻ وري 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي سنڌ دشمن سازش جوڙي وئي آھي، جنھن کي ڪنھن بہ ريت ڪامياب ٿيڻ نہ ڏنو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو ڀڙڀانگ چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 176 ڪلوميٽر ڊگهو ڪئنال ٺاھڻ جي سنڌ دشمن سازش ڪئي پئي وڃي، پنجاب ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. چولستان جي لکين ايڪڙن جي فارمنگ معنيٰ سنڌ رڻ ٿي ويندي، پنجاب ڪالاباغ جو خوفناڪ پلاند ڪري رھيو آھي. چولستان ڪئنال نڪرڻ کانپوء لاڙ مڪمل تباھ ٿي ويندو. ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جا ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان ٿي ويندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻي جي جدوجھد جياپي جي جدوجھد آھي. ھي ڪروڙين ماڻھن جي زندگين جو مسئلو آھي. پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ ڪروڙين ماڻھن جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آھن. سنڌ جي وسيلن جي قيمت ادا ڪئي پئي وڃي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي جياپي لاءِ پرامن احتجاج ڪن. ڪراچي کان بدين تائين بيداري مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو