زال تي بدڪاري جو الزام هڻندڙ همراهه کي 80 ڪوڙن جي سزا

ملير(ن س)زال تي بدڪاري جو الزام هڻندي نئين ڄاول نياڻي جي والد هجڻ جي انڪاري شخص ڪيس ثابت نه ڪري سگهيو، عدالت کيس ڪوڙو الزام هڻڻ جي ڏوهه ۾ 80 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير اڳوڻي مڙس فريد قادر کي ڇوڪري جي ولديت کان انڪار ڪرڻ تي 80 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ملزم زال تي زنا جو الزام لڳايو هو جيڪو ثابت نه ڪري سگهيو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته جوابدارن ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام هنيا، ان ڪري کيس قذف آرڊيننس جي سيڪشن 7(3) هيٺ 80 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو