ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائيون، ڪيترائي جوابدار گرفتار

گهوٽڪي( ن س) رينجرز ۽ پوليس پاران سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري آهن. گهوٽڪي جي علائقي ڳوٺ ڪوٽلا ويجهو ڀاڳو داهو ۾ رينجرز ۽ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائيڪندي مختلف ڏوهن ۾ ملوث راهب شر گينگ سان واسطو رکندڙ 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان موجب ڪارروائي دوران جوابدارن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي فائرنگ، جوابي ڪارروائي ۾ هڪ جوابدار غلام نبي مارجي ويو جڏهن ته منير احمد شر، محمد عالم، عبدالحڪيم ڍنڍو، حضور بخش ۽ بابر اعظم کي گرفتار ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو