رينجرز سنڌ ۽ ڪسٽم اختيارين جون مختلف هنڌن تي گڏيل ڪارروايون

رينجرز سنڌ ۽ ڪسٽم اختيارين جون مختلف هنڌن تي گڏيل ڪارروايون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪسٽم عملدارن ۽ رينجرز پاران سمگلنگ روڪڻ لاءِ آپريشن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي گڏيل ڪارروايون ڪندي 9 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪارروايون حب چوڪي، اتحاد ٽائون، منگهوپير، اورنگي ٽائون ۽ پيرآباد ۾ ڪيون ويون. رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن وٽان نان ڪسٽم پيڊ شيون هٿ ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ ڪپڙا، سگريٽ، ايراني ڊيزل، اليڪٽرڪ شيون، انجڻ آئل، واشنگ پائوڊر، سوپاريون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو سامان شامل آهي. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار هٿ آيل شيون بسن ۽ ٽرڪن ۾ ڪراچي سمگل ڪري رهيا هئا. رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن کي هٿ آيل سامان سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ڪسٽم حوالي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو