اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جي حڪم تي رياست خلاف پروپئگنڊا ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي لاءِ گڏيل ٽاسڪ فورس جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي جي تازي واقعن کان پوءِ ڪجهه شرپسند عناصر پنهنجي سياسي مقصدن جي حاصلات لاءِ رياست ۽ سيڪيورٽي فورسز بابت گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ پيدا ڪرڻ آهي. پڌرائي موجب چيئرمين پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي 10 رڪني گڏيل ٽاسڪ فورس جو سربراهه هوندو. جوائنٽ ٽاسڪ فورس جي ٻين ميمبرن ۾ اطلاعات ۽ گهرو معاملن واري وزارت جا جوائنٽ سيڪريٽري، ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ جو ڊائريڪٽر، انٽيليجنس بيورو جو جوائنٽ ڊائريڪٽر، آءِ ايس آءِ، ملٽري انتيليجنس جا نمائندا شامل هوندا. چيئرمين چاهي ته ٻئي ڪنهن به فيسر کي ميمبر نامزد ڪري سگهي ٿو. اسلام آباد ۾ 24 کان 27 نومبر تائين تحريڪ انصاف جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي غلط پروپيگنڊا ڪندڙ عنصرن جي نشاندهي لاءِ گڏيل ٽاسڪ فورس جوڙيو ويو آهي. 10 ڏينهن اندر حڪومت کي سفارشون پيش ڪندو.










