رياست دهشتگردن ۽ سهولتڪارن سان پوري قوت سان مقابلو ڪندي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته رياست دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ انهن جي مدد ڪندڙن کي پوري قوت سان منهن ڏيندي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج هر قسم جي خطرن خلاف پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو.آرمي چيف جنرل عاصم منير آپريشنز دوران پروفيشنلزم جو معيار برقرار رکڻ تي زور ڏنو. هن فارميشنز جي تربيت دوران بهترين ڪارڪردگي حاصل ڪرڻ تي به زور ڏنو.ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان جي رياست ۽ هٿياربند فوج شهيدن ۽ سندن خاندانن کي هميشه عزت جي نگاهه سان ڏسندي آهي.آرمي چيف جوانن جي فلاح، حوصلي ۽ مسلسل توجه تي ڪمانڊرز جي واکاڻ ڪئي.ڪانفرنس ۾ بلوچستان جي ضم ٿيل ضلعن، سرحدي ضلعن ۾ امن ۽ ترقي تي به زور ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو