روڊ چيڪنگ مهم 05 جون کان شروع ڪيون پيا: چاولا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ انسداد منشيات مڪيش ڪمار چاولا جي هدايت تي پوري صوبي ۾ ٽيڪس نه ادا ڪندڙن گاڏين کان ٽيڪس وصولي جي روڊ چيڪنگ مهم سومر ڏينهن 05 جون کان شروع ٿي رهي آهي. اها مهم 16 جون تائين جاري رهندي. هن پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته مهم جو مقصد ٽيڪس نه ادا ڪندڙ گاڏين کان ٽيڪس جي وصولي آهي. ڪراچي ۾ روڊ چيڪنگ مهم لاءِ 9 ٽيمون جوڙيون ويون آهن جڏهن ته ڪراچي ۾ 37 مختلف جڳهن تي چيڪنگ ڪندي. صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ انسداد منشيات مڪيش ڪمار چاولا چيو ته انهن جڳهن ۾ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا، بروڪ چورنگي، سنگر چورنگي، ڊي ايڇ اي قبرستان، سن سيٽ بوليوارڊ روڊ، طوبيٰ مسجد، سائٽ، منگو پير روڊ، بنارس چورنگي، حب ريورڊ روڊ، مزار قائد، شاهراهه قائدين، مسلم آباد، گلستان اسڪول، کارادر، ڪيماڙي، ڪوئينز روڊ، ڪلفٽن باٿ آئي لينڊ، شاهين ڪامپليڪس، پي آئي ڊي سي، مائي ڪولاچي بائي پاس، ملير ڪنٽونمنٽ، لانڍي انڊسٽريل ايريا، سعود آباد، کوکراپار، پي آئي بي ڪالوني، تين هٽي، سولچر بازار، لسبيله، جوهر چورنگي، ميٽرو ڪيش اينڊ ڪيري، ٽائم اسڪوائز، پهلوان ڳوٺ، ايف بي ايريا، ناظم آباد ۽ نارٿ ڪراچي شامل آهن. هن چيو ته ٽيڪس نه ادا ڪندڙن گاڏين جي مالڪن کان پڻ درخواست ڪئي آهي ته هو ڪنهن به ناخوشگوار صورتحال کان بچڻ لاءِ پنهنجي ٽيڪسز فوري طور تي ادا ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو