رفعت مختار آءِ جي سنڌ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت پوليس سروس آف پاڪستان (پي ايس پي) جي 21 گريڊ جي آفيسر رفعت مختار کي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ پوليس مقرر ڪري ڇڏيو آهي.صوبائي پوليس آفيسر رفعت مختار پنجاب ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو جنهن کي سنڌ پوليس ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.غلام نبي ميمڻ جيڪو انسپيڪٽر جنرل آف پوليس طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، اڄڪلهه موڪلن تي عمري جي ادائگي لاءِ ويو آهي.انهن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ايندڙ حڪم تائين اسٽيبلشمينٽ کاتي کي رپورٽ ڪن.رفعت مختار ان کان اڳ آر پي او فيصل آباد ۽ بهاولپور مقرر هئي.گريڊ 21 جا آفيسر به ڊي آءِ جي موٽر ويز طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو