اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سول جج جي زال پاران تشدد ڪندڙ گهريلو ملازمه رضوانه جي ماءُ ترنول ٿاڻي ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.13 ورهين جي نينگري رضوانه جي ماءُ درخواست ۾ چيو آهي ته منهنجي ڌيءَ کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي.ڇوڪري جي ماءُ اهو به الزام هنيو ته هوءَ جڏهن پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ وئي ته کيس به ڪمري ۾ بند ڪيو ويو.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مالڪ ڇوڪريءَ کي روز تشدد جو نشانو بڻائيندي هئي ۽ چوندي هئي ته ڪنهن کي ٻڌايو ته کيس قتل ڪيو ويندو.
