رب جي فضل سان عوام کي ٻيهر بحرانن مان ڪڍندس

رب جي فضل سان عوام کي ٻيهر بحرانن مان ڪڍندس

لاهور: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف 21 آڪٽوبر جي آجياڻي جلسي کي نه وسارڻ جوڳو اجتماع قرار ڏئي ڇڏيو آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ نوازشريف چيو ته 21 آڪٽوبر تي تاريخي استقبال ۽ مينار پاڪستان تي هڪ نه وسارڻ جوڳو اجتماع منعقد ڪرڻ تي عوام خاص طور تي پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن ۽ سڄي ملڪ مان شرڪت ڪندڙ نوجوانن، عورتن سميت سمورن ڪارڪنن جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو ادا ڪريان ٿو.هن چيو ته اوهان جي محبت، محنت ۽ خلوص منهنجو قيمتي اثاثو هو، آهي ۽ رهندو. هن چيو ته رب پاڪ جي فضل ۽ اوهان جي جذبي سان پاڪستاني عوام کي ٻيهر بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو