راولپنڊي ۾ 2 مبينا مقابلا، 6 ڌاڙيل مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي ۾ 2 مبينا پوليس مقابلن ۾ 6 جوابدار مارجي ويا،راولپنڊي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ريس ڪورس واري علائقي ۾ بين الصوبائي گينگ جي 4 جوابدارن کي ماريو ويو،هنن 3 ڏينهن اڳ برطانيا مان آيل هڪ شهري کي ڦر جي مزاحمت ڪرڻ تي قتل ڪيو هو،پوليس ترجمان موجب واقعي ۾ ملوث جوابدارن رات دير سان ريس ڪورس واري علائقي ۾ پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪئي، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ بين الصوبائي گينگ جا 4 ڄڻا مارجي ويا،پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس موٽرسائيڪل سوار جوابدارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته هنن فائرنگ ڪري ڏني،پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار وٽان پوليس يونيفارم به هٿ ڪيو ويو آهي، جوابدار اڳ به ڪيناڊا جي شهري سان واردات ڪئي هئي، پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار رڪي ۽ پرڏيهه مان ايندڙ شهرين کي ايئرپورٽ تي نشانو بڻائيندا هئا،راولپنڊي پوليس جي ترجمان موجب گينگ وار ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ٻين شهرن ۾ وارداتون ڪندا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو