راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي وائرس جا 5 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.صحت کاتي موجب ضلعي ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ 93 ٿي ويو آهي.ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ڊينگي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 338 عمارتون سيل ۽ 24 لک رپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي.ڊپٽي ڪمشنر موجب راولپنڊي ۾ 2500 کان وڌيڪ هنڌن تان وڏي تعداد ۾ ڊينگي جو لاروا هٿ ڪيو ويو آهي. هاٽ اسپاٽ وارن علائقن ۾ چک جلال الدين، ڌمن سيدان، اڊيالا روڊ ۽ راولپنڊي ڪينٽ جا ڪيترائي علائقا شامل آهن.هن چيو ته ڊينگي متاثر علائقن ۾ اسپري ۽ فوگنگ جو عمل جاري آهي.
