راولپنڊي ۾ پوليو خلاف هنگامي مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي ۾ پوليو وائرس جي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ هنگامي طور تي پوليو خلاف مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.صحت کاتي موجب پوليو خلاف 7 ڏينهن واري مهم 4 کان 10 سيپٽمبر تائين جاري رهندي، مهم راولپنڊي شهر، ڪينٽ، ٽيڪسيلا ۽ پوٺار ۾ جاري رهندي. مهم جي نگراني لاءِ صحت جي عالمي اداري جا نمائندا مقرر ڪيا ويا آهن، جن راولپنڊي ضلعي جي عملي جي محنت ۽ ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.صحت کاتي جو چوڻ آهي ته پوليو خلاف مهم لاءِ عالمي صحت اداري جي نگراني هيٺ عملي جي تربيت شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو