راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي ۾ اسڪول وين ڊرائيور پاران 12 ورهين جي اسپيشل ٻار سان زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.متاثر اسپيشل ٻار جي ماءُ ويسٽ ٽريج ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو.ايف آءِ آر موجب اسپيشل ٻارن سان زيادتي جو واقعو اسپيشل ٻارن جي اسڪول ۾ پيش آيو، اسڪول واپسي تي ٻارڙي جو چوڻ هو ته وين ڊرائيور کيس اسڪول جي ڪمري ۾ کڻي زيادتي ڪئي.پوليس موجب جوابدار وين ڊرائيور شهزاد کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.
