ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن مطابق ڪراچي چڙيا گهر مان رانو نالي ريڇ کي سندس ايندڙ مقام اسلام آباد ڏانهن منتقل ڪرڻ جي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي وئي آهي۔ رانو ريڇ جي منتقليءَ بابت اڄ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ رانو جي ٽريننگ ريسپانس، جسماني ۽ ذهني صحت (Physical ڪراچي ( & Mental Fitness) جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔اجلاس کان پوءِ ٽيڪنيڪل معائنو ٽيم جي ميمبرن ۽ سنڌ وائلڊ لائيف جي چيف ڪنزرويٽر جاويد مھر، جن کي معزز عدالت رانو ريڇ جي منتقليءَ جي انتظامن جو نگران مقرر ڪيو آهي، رانو جي اينڪلوژر (Enclosure) ۾ ان جي برتاءَ، جسماني ۽ ذهني حالت جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ ضروري رڪارڊ محفوظ ڪيا۔ ان کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميٽي ميمبر ماهره عمر کانسواءِ ٻين ماڻهن لاءِ رانو جي اينڪلوژر ڏانهن وڃڻ ممنوع قرار ڏنو ويو۔ڪميٽي ميمبر ۽ معروف فلم ميڪر ماهره عمر اسلام آباد وائلڊ لائيف مينيجمينٽ بورڊ ۽ ڪراچي زو جي ٽيم سان گڏجي رانو کي پنجرے ۾ رضامندي سان وڃڻ جا لمحات رڪارڊ ڪندي۔رانو ريڇ جي منتقلي ڪميٽي جي سيڪريٽري يسره سمي عسڪري رانو جي تيز ۽ محفوظ منتقلي لاءِ پاڪستان ايئر فورس پاران سي ون ٿرٽي جهاز مهيا ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو، ۽ چيو ته هن عمل سان عالمي سطح تي پاڪستان جي جانورن جي تحفظ ۽ ڀلائيءَ بابت قدمن کي ساراهيو ويندو۔شيڊول موجب رانو ريڇ کي سڀاڻي صبح 7 وڳي ڪراچي چڙيا گهر مان روانو ڪيو ويندو ۽ فيصل بيس ڪراچي مان سي ون ٿرٽي جهاز ذريعي اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو۔سڀني ميڊيا چينلز جي نمائندن کي گذارش ڪئي وئي آهي ته منتقليءَ جي عمل کي روڊ تي رڪارڊ ڪندي ذميواريءَ جو مظاهرو ڪن، ڇاڪاڻتہ رانو ريڇ جي منتقلي هڪ نازڪ عمل آهي، تنهنڪري ڪراچي زو ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهنتہ آگاھي لاءِ ضروري ويژوئلز واٽس ايپ ذريعي ميڊيا نمائندن کي فراهم ڪيا ويندا۔










