رانجهاڻي قتل ڪيس جو جوابدار عدالت ۾ پيش

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو ۾ قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قتل بعد صدمي ۾ فوت ٿيل سندس ماسي سڪينه رانجهاڻي جي ڪيس ۾ جوابدار رحيم شاهه پٺاڻ دادو جي عدالت ۾ پيش ٿيو عدالت پاران جوابدار جو وڪيل پيش نه ٿيڻ ڪري ڪيس جي ٻڌڻي 30 آڪٽوبر 2021 تي رکي وئي آهي جڏهن ته دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ سڪينه رانجهاڻي جو ڪيس هلندڙ آهي جنهن ۾ ڪيس جو فريادي طالب رانجهاڻي پنهنجي وڪيل پير هني سان گڏ عدالت ۾ حاضر رهيو جوابدار رحيم شاهه عدالت ۾ دانهيو ته ڪراچي کان دادو تائين پوليس وين ۾ ويهاري آندو وڃي ٿو ۽ ڪا به سفري سهولت مهيا نه ٿي ڪئي وڃي.ان لاءِ مون کي سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ پوليس کي نرمي لاءِ هدايت ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو