ڏهرڪي (ن س) رائونتي ٿاڻي تي 770 رپورش ۽ 441 اشتهاري ڏوهاري ڄاڻايل، 20 کان وڌيڪ ڏوهارين تي انعام مقرر ٿيل آهي ذريعن موجب 50کان وڌيڪ ڏوهارين تي انعام جي سفارش ٿيل، ڏوهارين جا ٺڪاڻا مضبوط هجڻ ۽ جديد هٿيارن سبب پوليس بيوس بڻيل آهن ذريعن موجب بدنام ڌاڙيل سلطو شر جي پوليس هٿان مارجڻ بعد ڏوهاري پوليس جا ويري بڻيل آهن، ڪچي ۾ ڏوهاري هٿيار کڻي سري عام گهمي رهيا آهن ذريعن موجب سلطو شر جي پلاند ۾ گهوٽڪي ضلعي جي هڪ درجن کان وڌيڪ جوان شهيد ڪيا ويا، جن ۾ هڪ ڊي ايس پي، 2 ايس ايڇ او به شامل آهن ذريعن موجب جانو انڍڙ واري گينگ کانپوءِ ثنو شر گينگ،راحب شر گينگ، چاندي شر گينگ سميت ڪچي ۾ ڪيتريون ئي ڏوهارين جون گينگس سرگرم آھن پوليس جي آپريشن دوران ڪچي جا سڀ ڏوهاري گڏجي پوليس مٿان ڳرن هٿيارن سان حملو ڪندا آهن










