ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کھڙو چيو آھي تہ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 ھين ورسي جو مرڪزي جلسو عيد کان پوء 14 اپريل تي ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ ٿيندو جلسي کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا۔اھڙن خيالن جو اظھار ھن آچر ڏينھن پيپلز سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ 14 اپريل تي جلسي جي تيارين بابت پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيوـ اجلاس ۾ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن پاران جلسي ۾ ڀرپور عوامي شرڪت کي يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويوـ نثار کھڙو چيو تہ جلسي ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين عوام شرڪت ڪري شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪندو ۽ جلسي جون سڀئي تياريون ڪيون ويون آھن ۔ھن چيو تہ ملڪ ۾ جمھوريت شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو جي مرھون منت آھي ۽ پيپلز پارٽي ملڪ ۾ جمھوريت جي تسلسل کي برقرار رکڻ لاء ڪردار ادا ڪري رھي آھي ـ ھن چيو تہ ملڪ کي معاشي ۽ مھنگائي جا چيلينجز درپيش آھن ۽ آصف علي زرداري ھڪ ڀيرو ٻيھر صدر جي منصب تي ھوندي ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي ـ ھن چيو تہ سياسي جماعتن کي گھرجي تہ ھو مخالفت براء مخالفت بجاء ميثاق معيشت جوڙين تہ جيئن ملڪ ترقي ڪري ۽ عوام کي مھنگائي مان رليف ملي سگھي۔ نثار کھڙو چيو تہ سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن امان جي قيام لاءِ پوليس ۽ انتظاميه کي ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪاروائيون تيز ڪرڻ ۽ سخت قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ان ڏس ۾ آءِ جي سنڌ ڏوهارين خلاف ڪارروائين جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. ڪارروائين جي نتيجي ۾ جلد بهتر نتيجا سامهون ايندا.










