دڙو (ن سنڌ يار) دڙو ۾ مليريا ۽ گيسٽرو بي قابو.!! گيسٽرو وگهي وڌيڪ ھڪ نينگر فوت، ھفتي دوُران گيسٽرو ۽ مليريا وگھي فوت ٿيلن جو تعداد 6 ٿي ويو. سوين ماڻھو مليريا، ارڙي ۽ گيسٽرو ۾ جڪڙيل، سجاول ضلعي جو صحت کاتو اڃا تائين ننڊ سُتل، تفصيل موجب دڙو شھر ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ گيسٽرو، مليريا ۽ ارڙي تي ڪنٽرول نہ ٿيو، دڙي شھر جي وارڊ نمبر 5 جي رھواسي پورهيت رجب علي مڱڻهار جو 7 ورهين جو معصوم پٽ مزمل گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو. گيسٽرو ۾ مبتلا نينگر مزمل مڱڻهار کي علاج لاءِ جناح اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي هو فوت ٿي ويو، فوتي نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ان سلسلي ۾ مليريا وگھي فوت ٿيل نينگر جي والد رجب علي منگھڻار ٻڌايو تہ منهنجو پٽ ڪجھ ڏينھن اڳ چوھڙجمالي ۾ پنهنجي ناناڻن ڏانهن گهمڻ ويو هو، جتي هو گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويو جنهن کي اسان مڪلي اسپتال ۽ پوءِ جناح اسپتال کڻي وياسين جتي هو فوت ٿي ويو، ياد رھي تہ دڙو ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ گيسٽرو ۽ مليريا وگھي فوت ٿيلن جو تعداد 6 ٿي ويو آھي، ۽ سرڪاري توڙي غيرسرڪاري اسپتالون مريضن سان ڀريل آھن، جڏھن تہ مليريا ارڙي ۽ گيسٽرو کان بچاء لاء سجاول ضلعي جي صحت کاتي اڃا تائين ڪي بہ جاڳا قدم ناھن کنيا،










