اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نگران گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿي سگهن.اسلام آباد ۾ توانائي واري وزير محمد علي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته شهيدن جي خاندانن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته يوريا ڀاڻ جي حوالي سان مصنوعي بحران پيدا ڪيو پيو وڃي، ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري بحران ختم ڪيو ويو.هن چيو ته ذخيره اندوزي ٻيهر ٿي رهي آهي جنهن سبب قيمتون وڌي ويون آهن، مصنوعي بحران پيدا ڪندڙ ماڻهن سان سختي سان ڪارروائي ڪئي ويندي، ذخيره اندوزن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.گهرو وزير اهو به چيو ته هارين کي ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ملڪ جي ضرورت موجب ڀاڻ درآمد ڪئي وئي آهي، هن سال ڪو به ڀاڻ پلانٽ بند نه ڪيو پيو وڃي، سبسڊي جو سڌو سنئون فائدو هارين کي پهچايو ويو.










