اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت آباد جي جج راجا جواد چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان خلاف دهشتگردي جي الزام هيٺ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اڳوڻي وزيراعظم جو وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو.بابر اعواڻ اڄ طبي بنيادن تي عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، جنهن کي عدالت منظور ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين جي عبوري ضمانت ۾ 10 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي.عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










