اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي نرسريءَ کي تباهه ڪرڻ سان ئي مڪمل امن بحال ٿيندو.بلاول ڀٽو زرداري ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪندي متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪيو وڃي.هن اهو به چيو ته رياست جي رٽ کي چيلينج ڪندڙ ڏوهاري ناقابل معافي آهن.
